لاهور ايئرپورٽ تي 15 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون ڪلاڪن کان دير سان، مسافر پريشان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


لاهور:

علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پروازن جي آمد ۽ روانگي جو شيڊول متاثر ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون، جنهن سبب مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.

ايئرپورٽ ذريعن موجب مختلف ايئر لائنز جي ايندڙ ويندڙ اڏامن ۾ دير ٿيڻ سبب روانگين فلائيٽن جو شيڊول به متاثر ٿيو ۽ ڪيتريون ئي اڏامون مقرر وقت کان ڪيترائي ڪلاڪ دير سان روانا ٿي ويون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان مدينه منوره، جده، استنبول، ڪولمبو، دبئي ۽ شارجه ويندڙ ڪل 15 اڏامون 2 کان 7 ڪلاڪ دير سان روانيون ٿيون.

جهازن جي روانگي ۾ غيرمعمولي دير سبب مسافرن کي ايئرپورٽ تي ڊگهو انتظار ڪرڻو پيو ۽ سفري شيڊول به متاثر ٿيو.

ايئرپورٽ ذريعن موجب ڪجهه ايئر لائنز جي جهازن ۾ فني خرابي سبب اڏامن جي روانگي ۾ به دير ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ آمد ۽ روانگي ٻنهي جو عمل متاثر ٿيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment