اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن کان اڳ چونڊن بابت قانون ۽ آئين ۾ ترميم جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن کان اڳ چونڊن بابت قانون ۽ آئين ۾ ترميم جو فيصلو ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن پنهنجي قانوني سڌارن واري ڪميٽي کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي، قانوني سڌارن واري ڪميٽي ۾ اليڪشن ڪميشن جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا، قانون سميت سمورن شعبن جا عملدار شرڪت ڪندا، قانوني سڌارن واري ڪميٽي موجوده چونڊ قانونن ۽ آئيني شقن جو جائزو وٺندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي 2024ع جي عام چونڊن ۾ سامهون ايندڙ قانوني ۽ آئيني خامين جو جائزو وٺندي، ڪميٽي آئيني ۽ قانوني خامين جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، اليڪشن ڪميشن چونڊ قانونن کي وڌيڪ موثر ۽ جديد بڻائڻ لاءِ قانوني فريم ورڪ جو جائزو وٺندو.

اليڪشن ڪميشن آئين، اليڪشن ايڪٽ 2017 ۽ اليڪشن رولز 2017 ۾ ضروري ترميمن لاءِ تجويزون تيار ڪندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته چونڊ قانونن کي عالمي بهترين طريقن سان ترتيب ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.

چونڊ قانونن جو مقصد شفاف، منصفاڻي ۽ یکسو چونڊ عمل کي يقيني بڻائڻ آهي، اليڪشن ڪميشن 2026ع تائين چونڊ عمل سان لاڳاپيل آئيني شقن جو جائزو مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۽ اليڪشن رولز 2017ع جو جائزو ڊسمبر 2026ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.

مڪاني قانونن کي اليڪشن ايڪٽ 2017 ۽ اليڪشن رولز 2017 سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون وينديون، اليڪشن ڪميشن نئين قانون سازي جي ٽن مهينن اندر مڪاني قانونن ۾ ترميم تي پنهنجي راءِ ڏيندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment