ڪراچي:
سنڌ جو راندين وارو صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر فيفا ورلڊ ڪپ سيمي فائنل جي موقعي تي لياري فٽبال اسٽيڊيم پهتو، جتي سنڌ حڪومت جو ترجمان سردار نادر گبول ۽ اسپورٽس سيڪريٽري سنڌ منور علي مهيسر پڻ ساڻس گڏ هئا.
ان موقعي تي سنڌ جي راندين واري وزير چيو ته صوبائي حڪومت نوجوانن کي راندين جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ جون ميچون لائيو ڏيکارڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ وڏيون اسڪرينون لڳايون ويون آهن ته جيئن مداح فٽبال جي عالمي مقابلن مان لطف اندوز ٿي سگهن.
سردار محمد بخش خان مهر چيو ته لياري جي عوام جو فٽبال سان گهرو ۽ تاريخي لاڳاپو آهي، ان ڪري هتي راندين جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ راندين جي فروغ لاءِ پرعزم آهي ۽ مختلف راندين کي منعقد ڪري نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪيو پيو وڃي.
هن ان موقعي تي اعلان ڪيو ته جلد سنڌ ڪرڪيٽ ليگ پڻ منعقد ڪئي ويندي، جنهن سان صوبي ۾ ڪرڪيٽ ٽيلنٽ کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.
پنهنجي پسنديده فٽبال ٽيم بابت ڳالهائيندي سنڌ جي راندين واري وزير چيو ته ارجنٽائن سندس پسنديده ٽيم آهي ۽ هو ليونل ميسي جو مداح آهي.
هن اميد ظاهر ڪئي ته ورلڊ ڪپ جون دلچسپ ميچون شائقين کي بهترين تفريح فراهم ڪنديون.


