پاڪستان جي مشهور اداڪارا سجل علي ساحل تان پنهنجون نيون بولڊ تصويرون شيئر ڪيون جن صارفين کي حيران ڪري ڇڏيو.
اداڪارا سجل علي سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي پنهنجي موڪلن جون تصويرون پوسٽ ڪيون جنهن ۾ هوءَ رنگ برنگي اسليولس ميڪسي ڊريس ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هلندي ۽ خوبصورت منظرن جو لطف اندوز ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
سجل علي سادي زيورن، چشمن ۽ ٻين لوازمات سان پنهنجو لُڪ مڪمل ڪيو جڏهن ته هن جي کليل وارن سندس سمر اسٽائل کي وڌيڪ گلمرس بڻائي ڇڏيو.
تصويرن ۾ اداڪارا ڪڏهن سمنڊ جي لهرن تي ننگي پير هلندي، ڪڏهن ريل تي ويٺي ۽ ڪڏهن مختلف انداز ۾ پوز ڏيندي نظر اچي رهي آهي.
سجل علي جون اهي تصويرون سامهون ايندي ئي سوشل ميڊيا صارفين سندس خوبصورتي ۽ منفرد انداز جي واکاڻ ڪئي جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين مٿس تنقيد به ڪئي.
اداڪارا سوشل ميڊيا تي ڪافي سرگرم آهي ۽ سندس پوسٽ کي هن وقت تائين 3 لک 91 هزار کان وڌيڪ لائيڪ ملي چڪا آهن.


