ايراني حملو ناڪام، اردن جي ايئر ڊفينس 8 ميزائل ڪيرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


عمان: اردن جي هٿياربند فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ جي فضائي دفاعي نظام ايران طرفان فضا ۾ فائر ڪيل 8 ميزائلن کي تباهه ڪري ڇڏيو، جيڪي اردن جي فضائي حدن يا ان جي مٿان وڃي رهيا هئا.

اردن جي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هوائي دفاعي يونٽن فوري ڪارروائي ڪندي سمورن ميزائلن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جنهن سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

اردني اختيارين موجب پاڪ فوج ۽ فضائي دفاعي نظام مڪمل الرٽ تي آهن ۽ ملڪي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن اردن ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات کي ڊرون سان نشانو بڻايو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب اهو قدم آمريڪا پاران ايران تي تازين حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو آهي.

هن وقت تائين ٻنهي ملڪن جي دعوائن جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.

دفاعي ماهرن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري فوجي ڇڪتاڻ سبب اردن، خليج ملڪن ۽ آبنائے هرمز جي چوڌاري سيڪيورٽي خدشا وڌي رهيا آهن، جنهن جا علائقائي سلامتي ۽ عالمي صورتحال تي اثر پئجي سگهن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment