نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته سفارتڪاري ان جو نالو آهي، پاڪستان جا آمريڪا ۽ چين ٻنهي سان بهترين لاڳاپا آهن.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار نيويارڪ ۾ عرب، اسلامي ۽ يورپي ملڪن جي سفيرن جي اعزاز ۾ ڊنر منعقد ڪيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته خطي ۾ امن لاءِ 5 نقاطي ايجنڊا تي اتفاق ڪيو ويو آهي. چين عوامي طور تي اسان جي پاليسي جي تصديق ڪئي آهي.
اسحاق ڊار چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي سدائين قائم رهندي، اسان کي سمورن طاقتن سان سٺا لاڳاپا رکڻ گهرجن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اڄ واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان به ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ وچ اوڀر خاص طور تي فلسطين جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي، افغانستان ۽ فلسطين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهيو.


