فوجي محاذ تي ناڪامي کانپوءِ دشمن هائبرڊ جنگ جو رستو اختيار ڪيو آهي، ايراني انٽيليجنس وزارت جي دعويٰ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ايران جي انٽيليجنس وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته دشمن کي فوجي محاذ تي شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي هو هائبرڊ جنگ ۽ ٻيون غير روايتي حربا استعمال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني انٽيليجنس وزارت موجب دشمن معاشي دٻاءُ، سائبر حملن، هٿيارن جي اسمگلنگ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ميڊيا پروپيگنڊا جهڙين حڪمت عملين ذريعي ايران کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. فارس نيوز ايجنسي جي مطابق، وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته “فوجي ميدان ۾ ناڪامي کان پوء، دشمن هاڻي نفسياتي جنگ، ذهني ۽ شعوري جنگ ۽ سماجي اشتعال ڏانهن وڌيو آهي.” ايراني اختيارين خبردار ڪيو آهي ته جاسوسي يا عليحدگي پسند سرگرمين ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ قومي سلامتي خلاف ڪنهن به ڪارروائي کي برداشت نه ڪيو ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment