محسن نقوي سان آمريڪي سفير جي اهم ملاقات، آمريڪا، ايران سيز فائر تي ڳالهيون، ڳالهيون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفير نيتالي بيڪر وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال ۽ امن امان جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ملاقات ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اسلام آباد ۾ منعقد ڪرائڻ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

محسن نقوي ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگبندي ۾ واڌ واري قدم کي ساراهيو ۽ ان کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مثبت قدم قرار ڏنو.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تڪرار جي پائيدار حل لاءِ سفارتي چينلز جو تسلسل ضروري آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سموريون پارٽيون پرامن حل کي ترجيح ڏين.

هن اهو به چيو ته شهباز شريف ۽ عاصم منير ان مسئلي جي حل لاءِ هر سطح تي ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن جڏهن ته ايران طرفان به مثبت اڳڀرائي جي اميد آهي.

ان موقعي تي نيٽالي بيڪر خطي ۾ امن جي قيام ۽ تڪرارن جي حل لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ سفارتي ڪوششن کي اهم قرار ڏنو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment