ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي بجلي جي صارفين کي 63 ارب 94 ڪروڙ رپين جو وڏو رليف ملڻ جو امڪان آهي. نيپرا ۾ ڊسڪوز جي سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهي لاءِ ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي ٻڌڻي شروع ٿي، اٿارٽي چيئرمين نيپرا وسيم مختار جي سربراهيءَ ۾ ٻڌڻي ٿي. ڊيسڪوز جي درخواست موجب ڪيپيسٽي چارجز ۾ 36 ارب 83 ڪروڙ 70 لک رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، سسٽم يوز چارجز ۽ مارڪيٽ آپريشن فيس ۾ 11 ارب 24 ڪروڙ رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، انڪريمينٽل يونٽن ۾ 23 ارب 51 ڪروڙ رپيا گهٽتائي جي درخواست ڪئي وئي آهي. صارفين کي رليف ڏيڻ جو حتمي فيصلو نيپرا جي ٻڌڻي کانپوءِ ڪيو ويندو. نيپرا ٻڌڻي دوران بجلي جي صارفين کي 1.93 رپين جي رليف تي خوشي جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران صنعت ۽ ٻين بجلي صارفين نيپرا ۽ پاور ڊويزن جي واکاڻ ڪئي. صارفين جو چوڻ هو ته اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا پيا وڃن، خطي جي صورتحال سبب سڄي دنيا ۾ بجلي جا اگهه وڌي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پاور ڊويزن ملڪ ۾ بجلي جا اگهه وڌائڻ نه ڏني. صنعتڪار تنوير برفت چيو ته اهڙي طرح عوام کي بجلي جي مد ۾ وڌيڪ رليف ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، اها سٺي ڳالهه آهي ته بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو جو رليف ملي ٿو. صنعتڪارن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 45 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي، هن وقت ملڪ ۾ 25 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، جڏهن ايتري گنجائش آهي ته نوان پاور پلانٽ ڇو لڳايا پيا وڃن؟
Source link

ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ بجلي جي صارفين کي وڏو رليف ملڻ جو امڪان آهي
Leave a Comment Leave a Comment

