وچ اوڀر ۾ فوري ۽ جامع جنگ بندي وقت جي ضرورت آهي، چيني صدر

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


چيني صدر شي جن پنگ بيجنگ ۾ روسي صدر پيوٽن سان ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ توانائي، دفاع ۽ هٿيارن جي معاملن سميت اهم عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب چين ۽ روس وچ ۾ اهي ڳالهيون اهڙي وقت ۾ ٿي رهيون آهن جڏهن يوڪرين، ايران ۽ وچ اوڀر جي صورتحال عالمي سياست تي گهرا اثر ڇڏي رهي آهي.

ملاقات دوران چيني صدر شي جن پنگ ايران سان جاري ڇڪتاڻ تي زور ڏيندي چيو ته فوري ۽ جامع جنگبندي وقت جي ضرورت آهي.

شي جن پنگ چيو ته جنگ شروع ڪرڻ يا فوجي ڪارروائي وڌيڪ خطرناڪ هوندي، جڏهن ته ڳالهين کي برقرار رکڻ انتهائي اهم آهي.

چيني صدر ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته خطي ۾ استحڪام لاءِ سفارتي حل کي اوليت ڏني وڃي.

ٻئي طرف روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ چيني قيادت وچ ۾ توانائي تعاون، هٿيارن جي معاهدن ۽ اقتصادي ڀائيواري تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

تجزيه نگارن موجب ايران ۽ يوڪرين ۾ جنگين سبب روس ۽ چين جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن جڏهن ته ٻئي ملڪ عالمي سطح تي آمريڪا جي اثر رسوخ خلاف گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته بيجنگ ۾ ٿيندڙ ملاقات جا عالمي سياست، توانائي مارڪيٽن ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي اهم اثر پئجي سگهن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment