ڪراچي؛ تصوف ناموس رسالت مارچ جي حوالي سان ايم اي جناح روڊ، متبادل رستن جا تفصيل سامهون اچي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڪراچي ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ تفس ناموس رسالت مارچ جي ڪري ايم اي جناح روڊ نمائش چورنگي کان تبت سينٽر تائين بند رهندو. ٽريفڪ پوليس ترجمان موجب ايم اي جناح روڊ تي ٽريفڪ جام کان بچڻ لاءِ شهري متبادل رستا استعمال ڪن، سولجر بازار ۽ بنوري سگنل کان پي پي چورنگي وارو رستو اختيار ڪن. شارع فيصل ۽ شارع قائدين کان ايندڙ ٽريفڪ کي سوسائيٽي لائيٽ ۽ پريڊي اسٽريٽ ذريعي منزل طرف موڙيو ويندو. پردي اسٽريٽ ۽ ريگل چوڪ تبت سينٽر ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ پردي چوڪ ۽ صدر داوخاني کان پي پي چورنگي ڏانهن رخ ڪري سگهندي. فريسڪو ۽ عيد گاهه چوڪ کان تبت سينٽر ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي سعيد منزل، جوبلي چورنگي ۽ آغا خان سوم روڊ ذريعي ڪسٽم، سولجر بازار يا جوبلي چورنگي ڏانهن موڙيو ويندو. ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب دائود پوٽا روڊ کان ايندڙ ٽريفڪ کي پردي چوڪ کان صدر ٿاڻي ۽ پي پي چورنگي طرف موڙيو ويندو، آغا خان سوئم روڊ ۽ گارڊن کان ايندڙ ٽريفڪ کي بهادر يار جنگ روڊ ۽ سولجر بازار ذريعي گرمند طرف موڙيو ويندو. ٽريفڪ پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪن ۽ ٽريفڪ ضابطن تي عمل ڪن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment