راولپنڊي ۾ انتظاميا قلم 144 لاڳو ڪندي اڊيالا جيل ۽ حساس ادارن جي چوڌاري هر قسم جي گڏجاڻين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڊيالا جيل، ريڊ زون ۽ حساس هنڌن جي چوڌاري گڏجاڻين، جلوسن، ڌرڻن ۽ ريليون تي پابندي لڳائي وئي آهي. گڏجاڻين کان علاوه هٿيار، لٺ، پٿر، پيٽرول بم ۽ ڌماڪيدار مادو کڻي وڃڻ ۽ پوليس طرفان لڳايل رڪاوٽون هٽائڻ يا ٽريفڪ ۾ خلل وجهڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 5 مئي کان 19 مئي 2026 تائين لاڳو رهندو، امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري قدمن کي ناگزير قرار ڏنو ويو.
Source link

راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو، اڊيالا جيل جي چوڌاري هر قسم جي گڏجاڻين تي پابندي
Leave a Comment Leave a Comment

