سنڌ ۾ هيٽ ويو الرٽ جاري، ڪراچي ۾ موسم ڪيئن رهندي؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



موسميات کاتي سنڌ ۾ گرمي جي نئين لهر جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان 11 مئي تائين وچ ۽ مٿانهين سنڌ ۾ گرمي جي لهر هلندي، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر سخت گرمي جي لپيٽ ۾ رهندا. موسميات کاتي موجب مٿانهين ضلعن ۾ گرمي جي لهر سبب پارو 47 کان 49 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو. گرمي جي لهر دوران ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو احتياطي اپاءَ وٺن، ڏينهن جي وقت سج جي تپش ۾ گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ وڌيڪ پاڻي پين.



Source link

Share This Article
Leave a Comment