ڪراچي؛ اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جا ڪپڙا چوري ۾ ملوث جوابدار گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

اطلاع تي سائوٿ انويسٽمينٽ پوليس ڪارروائي ڪندي 104 بنڊل ڪپڙي جي چوري ۾ ملوث جوابدار اعجاز کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ توحيد الرحمان موجب گرفتار جوابدار ٻين مفرور جوابدارن سان گڏ چوري جون وارداتون ڪيون هيون.

واقعي جو ڪيس 21 اپريل تي آرام باغ پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو هو. جوابدارن جي ٻين مفرور ساٿين جي گرفتاري لاءِ پڻ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس موجب گرفتار جوابدارن کان جاچ جاري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment