مصطفيٰ عامر ۽ ڊي ايس پي قتل ڪيس؛ عدالت ۾ جوابدار ارمغان کي جيل ۾ فراهم ڪيل سهولتن جا تفصيل پيش ڪيا ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

مصطفيٰ عامر ۽ ڊي ايس پي قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جي جيل سهولتن جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا.

دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت ۾ مصطفيٰ عامر ۽ ڊي ايس پي جي قتل سميت 4 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جيل اختيارين طرفان ارمغان کي فراهم ڪيل سهولتن جا تفصيل عدالت کي ڏنا ويا.

واضح رهي ته جوابدار ارمغان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.

اڄوڪي ٻڌڻي ۾ جوابدار ارمغان جي ماءُ عدالت ۾ پيش ٿي ۽ ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وڪيل صفوي پنهنجي ويجهي عزيز جي فوت ٿيڻ سبب شهر کان ٻاهر آهي. اهي پيش نه ٿا ٿي سگهن، ان ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پوليس موجب ڪيس ۾ جوابدار ارمغان ۽ شريڪ جوابدار شيراز کي گرفتار ڪيو ويو آهي. 8 فيبروري 2025 تي پوليس ارمغان جي گهر تي چڙهائي ڪري کيس گرفتار ڪيو.

جوابدار ارمغان خلاف مصطفيٰ عامر جي قتل، پوليس مقابلي سميت ٻيا ڪيس داخل آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment