شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن دوران 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان ايس ايس پي ويسٽ موجب مومن آباد ٿاڻي جي سيڪٽر 11-اي ۾ پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو. گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ بطن ولد عبدالرزاق طور ٿي آهي. پوليس جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، بارودي مواد، گوليون ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي. زخمي جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. عزيز آباد ٿاڻي جي حد ۾ غريب آباد ڦاٽڪ وٽ گرڊ اسٽيشن وٽ پوليس ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. ترجمان ايس ايس پي سينٽرل ڊاڪٽر محمد عمران خان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ آصف ولد غلام محمد طور ٿي آهي. جوابدارن جي قبضي مان 9 ايم ايم پستول، 3 گوليون ۽ 125 سي سي موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. پوليس موجب گرفتار جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ سندس ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن ضلعي سٽي پوليس چاڪيواڙه جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ زبير طور ٿي آهي، جڏهن ته سندس قبضي مان هڪ پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
Source link

ڪراچي؛ مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلو، 3 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

