اسلام آباد:
وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جا 2018 ۽ 2019 جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا، جن ۾ نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.
عدالت چيو ته غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي جو اختيار خاص طور تي صوبائي حڪومت جو آهي، عدليه جو ناهي. عدالتن کي گهرجي ته هو پاڻ کي پنهنجي سامهون تڪرار تائين محدود ڪن ۽ غير ضروري معاملن ۾ مداخلت نه ڪن.
وفاقي آئيني عدالت فيصلي ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ التوا واري ڪيس کان وڌيڪ تفصيلي حڪم جاري ڪيا. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي رپورٽن جي بنياد تي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ڊوليشن آرڊر نٿا ڏئي سگهجن. واجبي عمل هر صورت ۾ لازمي آئيني گهرج آهي.
ان کان علاوه عدالت جو مقصد غير قانوني اڏاوتن کي قانوني تحفظ ڏيڻ نه پر صرف قانون جي عمل کي يقيني بڻائڻ آهي. عدالت چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قانوني نظام ۽ لاڳاپيل ادارا اڳ ۾ ئي موجود آهن. سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا آئيني ۽ قانوني طور تي پابند آهن ته اهي غير قانوني اڏاوتن جي نگراني ۽ ڪارروائي ڪن.
فيصلي ۾ چيو ويو ته وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جا 21 ڊسمبر 2018 ۽ 22 جنوري 2019 جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا ۽ انهن تحت ڪيل ڪارروائيون به واپس ورتيون.
جسٽس سيد ارشد حسين شاهه جو اضافي نوٽيس
فيصلي ۾ جسٽس سيد ارشد حسين شاهه اضافي نوٽ ۾ لکيو ته شهرين جي بنيادي حقن ۽ عوامي سهولتن جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي. پارڪن، راند جي ميدانن، گرين بيلٽس، فوٽ پاٿن، ساحلن ۽ ٻين عوامي هنڌن کي غير قانوني حددخلين ۽ ڦيرڦار کان بچايو وڃي.


