ڪراچي:
عدالت منشيات فروش انمول عرف پنڪي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
ايڪسپريس نيوز موجب جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ غازي ٿاڻي جي حد ۾ منشيات فروش انمول عرف پنڪي خلاف منشيات ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
جيل ذريعن موجب عدالت جوابدارن کي جيل ۾ 6 ڪيسن ۾ چالان ۽ شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون فراهم ڪيون. عدالت جي حڪم تي عملدار ذاتي طور تي جوابدارن کي دستاويز فراهم ڪيا.
عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار انمول عرف پنڪي خلاف اهي ڪيس 2020، 2021 ۽ 2022 ۾ داخل ڪيا ويا هئا، انهن ڪيسن ۾ جوابدار انمول عرف پنڪي مفرور هو. گارڊن ٿاڻي جي پوليس ڪيس ۾ گرفتاري بعد انهن ڪيسن ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.


