سريلنڪن حڪومت پاڪستانين لاءِ ويزا فيس ختم ڪري ڇڏي آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب ڪراچي ۾ مقرر سريلنڪا جي قونصل جنرل سنجيوا پٽيوالا ميڊيا کي ٻڌايو ته سريلنڪن حڪومت پاڪستانين لاءِ ويزا فيس ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ سريلنڪا ايندڙ پاڪستاني سياحن جو انگ وڌي ويو آهي.
هن چيو ته پاڪستان مان سريلنڪا وڃڻ وارا آن لائن ويزا لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.
قونصل جنرل چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا ٻه طرفا لاڳاپا اهم آهن، پاڪستان حڪومت 100 سريلنڪن شاگردن کي علامه اقبال يونيورسٽي ۾ اسڪالر شپ ڏني آهي جيڪو هڪ مثبت اقدام آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 2005ع ۾ آزاد واپار جو معاهدو ٿيو پر ان باوجود ٻنهي ملڪن ۾ واپار ۾ رڪاوٽون آهن.
قونصل جنرل وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا دفاعي لاڳاپا به اهم آهن.


