لاهور:
پنجاب ۾ ريسٽورنٽ، ڪيفي، ڪافي شاپس، فوڊ چينز ۽ ٻين فوڊ آئوٽليٽز سميت مختلف سروس شعبن تي نوان سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن.
پنجاب روينيو اٿارٽي مختلف خدمتن تي اڳ ۾ لاڳو 5 سيڪڙو بدران 8 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
نئين شرح تحت ريسٽورنٽ ۾ ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊ ذريعي ڪيل سمورن ادائيگين تي 8 سيڪڙو پنجاب سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
ان کان علاوه شادي هال، ڪيٽرنگ سروسز، ايونٽ مئنيجمينٽ، ٽريول اينڊ ٽور آپريٽرز، رينٽ اي ڪار، فٽنيس سينٽرز، اپارٽمينٽ هائوس مينيجمينٽ ۽ پراپرٽي ڊيلرز کي به 8 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي نئين دائري ۾ آندو ويو آهي.
پنجاب روينيو اٿارٽي موجب آرڪيٽيڪٽ، گودام، ڪولڊ اسٽوريج سميت ٻن وڌيڪ شعبن تي 8 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي نئين شرح لاڳو ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل ڪاروبارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي فوري طور تي پنهنجي انوائسنگ، بلنگ ۽ ڪمپلينس سسٽم کي نئين ٽيڪس جي شرح موجب اپڊيٽ ڪن.
اختيارين موجب نئين شرح لاڳو ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل ڪاروباري ادارا صارفين کان 8 سيڪڙو پنجاب سيلز ٽيڪس وصول ڪندا.
پنجاب روينيو اٿارٽي جو چوڻ آهي ته نئين ٽيڪس جي شرح جو مقصد آمدني وڌائڻ، ٽيڪس نيٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ٽيڪس نظام کي وڌيڪ دستاويزي بڻائڻ آهي.


