گهارو پوليس جي ٻن اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس قبضي مان سرڪاري رائفل پڻ هٿ ڪئي وئي.
پوليس ترجمان موجب ڪانسٽيبل اڪبر علي ۽ ڪانسٽيبل عبدالمجيد مري گذريل رات بابره لنڪ روڊ ڄام واهه پڪي وٽ ڊيوٽي ڪري رهيا هئا ته موٽرسائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن اهلڪارن کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو ڪيس گهارو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.
واقعي کانپوءِ ايس ايس پي ٺٽو ساجد امير سدوزئي جي هدايت تي هڪ اسپيشل ٽيم جوڙي وئي جنهن ۾ ايس ڊي پي او ٺٽو اي ايس پي عبدالله افضل، ايس ڊي پي او ساکرو ڊي ايس پي محمد علي ڏاهرا، ايس ايڇ او گهارو انسپيڪٽر شهزاد الياس ۽ انچارج ڊي آءِ سي ٺٽو انسپيڪٽر فيصل شفيع ميمڻ شامل هئا.
پوليس موجب ٽيم جديد ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس معلومات جي مدد سان جوابدارن کي ڳولي ورتو.
گرفتاري لاءِ ڪارروائي دوران پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار حضور بخش عرف رضوان ولد امير بخش ابڙو مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
پوليس مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان شهيد اهلڪارن وٽان پيل سرڪاري رائفل پڻ هٿ ڪري ورتي آهي. فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.
ٻئي طرف آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پوليس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي 5 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو سي سي ون سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.


