سرجاني ٽائون گلشن نور دارالعلوم مدرسي ڀرسان موبائل فون جي ڦر دوران نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب سرجاني ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن نور دارالعلوم مدرسي ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر زخمي ٿي پيا، جن کي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال نيو ويو. اسپتال ۾ زخمي ڀائرن جي سڃاڻپ 40 ورهين جي محمد نسيم ولد محمد بخش ۽ 45 ورهين جي تسليم اختر ولد محمد بخش طور ٿي آهي. سرجاني ٽائون پوليس موجب، زخمي ڀاءُ خانگي ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ صبح جو گهر کان نجي ڪمپني ڏانهن وڃڻ لاءِ وڃي رهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته گلشن نوردارالعلوم مدرسي وٽ اڻڄاتل هٿياربندن هٿياربندن ٻن ڀائرن کان موبائل فون کسي ورتو ۽ مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ٻئي ڀائر ٽنگ ۽ ڪلهي تي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابدار موبائل فون ڦرڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس زخمي ڀائرن جا بيان رڪارڊ ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
Source link

ڪراچي؛ موبائيل فون ڦرڻ دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

