لاهور:
موسمياتي تبديلين، برساتن ۾ گهٽتائي ۽ زير زمين پاڻي جي تيزيءَ سان گهٽجندڙ سطح کي نظر ۾ رکندي پنجاب حڪومت 2030ع تائين برساتي پاڻي جي ذخيرو، زير زمين پاڻي جي ري چارجنگ ۽ پاڻي جي موثر استعمال جا هدف مقرر ڪيا آهن.
موسمياتي لچڪدار پنجاب ويزن ۽ ايڪشن پلان 2024 موجب، گرمي پد ۾ واڌ، برساتن جي اڻهوند، شهري آبادي ۾ واڌ ۽ زميني پاڻي جي بيدردي سان استعمال جي ڪري پنجاب ۾ پاڻي جا ذخيرا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. منصوبي تحت برساتي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ، ريچارج سسٽم لڳائڻ، ٻوڏ جي پاڻي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۽ زير زمين پاڻي جي بحالي لاءِ قدمن جي تجويز ڏني وئي آهي.
رپورٽ موجب لاهور ان بحران جو هڪ نمايان مثال بڻجي چڪو آهي، جتي مختلف تحقيقن موجب زير زمين پاڻي جي سطح هر سال هڪ ميٽر جي حساب سان گهٽجي رهي آهي. گلبرگ، شادمان ۽ مسلم ٽائون سميت ڪيترن ئي علائقن کي هاءِ رسڪ زون قرار ڏنو ويو آهي.
لاهور (ويب ڊيسڪ) واٽر اينڊ سينيٽيشن ايجنسي (واسا) لاهور ۾ خاص کوهن ذريعي برساتي پاڻي کي زير زمين واپس آڻڻ جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي. واسا ترجمان موجب تاجپورا، لبرٽي، قذافي اسٽيڊيم ۽ ٻين هنڌن تي ريچارج ويلز لڳايا ويا آهن جڏهن ته منصوبي کي وڌيڪ وسيع ڪيو پيو وڃي.
پنجاب حڪومت صوبي ۾ 358 انڊر گرائونڊ واٽر ٽينڪن جي به منظوري ڏني آهي جنهن ۾ 34 وڏا ۽ 324 روڊن جي ڀر وارا ٽينڪ شامل آهن. ان سان گڏ ريچارج ويلز پڻ تعمير ڪيا ويندا ته جيئن زير زمين پاڻي جي سطح کي بهتر بڻائي سگهجي.
ٻئي طرف واسا لاهور شهر ۾ 1000 ريچارج ويلز ٺاهڻ جو پلان تيار ڪري ورتو آهي. آفيسرن موجب، ٽي ريچارج ويلز هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هر کوهه ۾ روزانو 8000 گيلن پاڻي واپس زمين ۾ پمپ ڪرڻ جي گنجائش آهي. سيڪريٽري هائوسنگ پنجاب نورالامين مينگل موجب لاهور ۾ شروعاتي مرحلي ۾ 15 هنڌن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پارڪس اينڊ هارٽي ڪلچر اٿارٽي سمورن پارڪن ۾ ان مقصد لاءِ جاءِ فراهم ڪندي.
پنجاب موسمياتي لچڪدار واش سيڪٽر ڊولپمينٽ پلان 2025-35 ٻڌائي ٿو ته موجوده پاڻي وارو نظام موسمياتي دٻاءُ کي مؤثر نموني سان منهن ڏيڻ جي قابل ناهي. رپورٽ موجب 2030 جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري، جديد پاڻي جي بنيادي ڍانچي ۽ مقامي حڪومتن جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي.
پنجاب يونيورسٽي جي سينٽر فار انٽيگريڊ مائونٽين ريسرچ سان لاڳاپيل ڊاڪٽر محمد ياسين جو چوڻ آهي ته پاڻي بابت پاليسيون ته ٺهيون آهن پر اصل مسئلو انهن تي عملدرآمد جو آهي. سندس چوڻ هو ته رڳو ريچارج کوهه ڪافي نه آهن پر زير زمين پاڻي جي وڌ ۾ وڌ استعمال تي ضابطو آڻڻ، سطحي پاڻي جي منصوبن ۾ واڌ ۽ ماحول دوست شهري منصوبه بندي به تمام ضروري آهي.
ڊائريڪٽر جنرل انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (اي پي اي) پنجاب عمران حميد شيخ چيو آهي ته حڪومت 23 نون سيڪٽرن ۾ برساتي پاڻي هاري ويسٽنگ سسٽم کي لازمي قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته صنعتي ادارن، هائوسنگ سوسائٽين، هوٽلن، شادي هالن، تعليمي ادارن ۽ ڪمرشل عمارتن ۾ برساتي پاڻي هاري ويسٽنگ سسٽم لڳائڻ کي تعميراتي منظوري سان مشروط ڪيو ويو آهي.
WWF پاڪستان جي تازي پاڻي جي پروگرام جي ڊائريڪٽر سهيل علي نقوي جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين سبب گرمي جي لهرن، خشڪي ۽ برساتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سان زميني پاڻي جي ذخيرن تي تيزي سان اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته پنجاب ۾ 13 لک کان وڌيڪ ٽيوب ويل زير زمين پاڻي ڪڍي رهيا آهن، جنهن سبب پاڻي جي سطح مسلسل هيٺ وڃي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته برساتي پاڻي جي بچاءُ ۽ ريچارج جي اپاءَ وقت جي ضرورت آهي.


