ٽڪ ٽوڪر ثنا يوسف قتل ڪيس جي جوابدار عمر حيات کي هٿيار ڪيس ۾ به سزا ٻڌائي وئي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا عمر حيات کي پاڪستان آرمز آرڊيننس جي سيڪشن 13 تحت سزا ٻڌائي. فيصلي ۾ چيو ويو ته عمر حيات کي هٿيار ڪيس ۾ 2 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي وڌيڪ هڪ مهينو قيد ڪاٽڻي پوندي. ياد رهي ته عمر حيات خلاف سمبل ٿاڻي ۾ هٿيارن جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ان کان اڳ ثناءُ يوسف کي ٽڪر هڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
Source link

ثنا يوسف جي قاتل عمر حيات کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

