وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ستين ڀيرو ٽائيٽل کٽي ورتو. لارڊز ۾ کيڏيل فائنل ۾ آسٽريليا 151 رنسن جو هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 17.1 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو. ڪينگروز طرفان بيٿ مون 64 رنسون ٺاهيون. ٻين بيٽسمينن ۾ فوبي ليچ فيلڊ 48 ۽ جارجيا وال 9 رنسون ٺاهيون، ايلس پيري 13 ۽ ايشلي گارڊنر 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ پويلين موٽيا. انگلينڊ طرفان چارلي ڊين، سوفي ايڪلسٽن ۽ لورين بيل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ انگلينڊ آسٽريليا جي دعوت تي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون ٺاهيون. انگلينڊ طرفان ڪپتان نيٽ اسڪور برنٽ 58 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. فرييا ڪيمپ 44 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ ٿي پويلين موٽي وئي. آسٽريليا طرفان ايلس ڪيپسي 23، ڊيني ويٽ هوج 8، ايمي جونز 6 ۽ هيدر نائيٽ 2 وڪيٽون ورتيون، آسٽريليا طرفان ڪيم گرٿ، لوسي هيملٽن، سوفي مولنيڪس ۽ اينابيل سدرلينڊ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
Source link

وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ: آسٽريليا انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو
Leave a Comment Leave a Comment

