اسپورٽس بورڊ پنجاب پاران منعقد ٿيندڙ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ميراٿن ۽ سائيڪلنگ ريس جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
تفصيل موجب وزيراعليٰ پنجاب نيشنل ميراٿن ۽ سائيڪلنگ ريس 2026ع ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ايٿليٽس ۽ شهري حصو وٺندا.
پنجاب جو صوبائي راندين وارو وزير ملڪ فيصل ايوب کوکر ۽ صوبائي وزير خاص مهمان هوندا.
21 ڪلوميٽرن جي ميراٿن ۽ سائيڪلنگ ريس صبح 6 وڳي لبرٽي چوڪ کان شروع ٿيندي. عورتن جي 5 ڪلوميٽر ميراٿن ۽ سائيڪلنگ ريس پڻ لبرٽي کان شروع ٿيندي.
اتي ٻه ڪلوميٽر فيملي فن ريس ۽ هڪ ڪلوميٽر ويل چيئر ريس پڻ ٿيندي.
ان موقعي تي اسپورٽس بورڊ پنجاب جو وائيس چيئرمين ملڪ سلمان، سيڪريٽري اسپورٽس پنجاب محمد علي ۽ ڊي جي اسپورٽس پنجاب محمد طارق قريشي به موجود هوندا.
پنجاب جي نوجوانن جي معاملن ۽ راندين واري کاتي سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.


