پاڪستان ائٽمي انرجي ڪميشن عالمي سطح تي هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي، جتي انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن اينڊ آنڪولوجي، لاهور کي انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي جو سهڪاري مرڪز قرار ڏنو ويو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب انمول ۾ انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڪوليبريٽنگ سينٽر جي ان تاريخي ڪاميابي تي پليڪ پريزنٽيشن تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي ميمبر سائنس ڊاڪٽر شڪيل عباس روفي چيو ته ان اعزاز کانپوءِ پاڪستان جا پنج ادارا عالمي ايٽمي انرجي ايجنسي جا سهڪاري مرڪز بڻجي ويا آهن.
هن چيو ته دنيا جي 45 ملڪن جي 92 سينٽرن جي لسٽ ۾ پاڪستان جو چوٿين نمبر تي اچڻ فخر جي ڳالهه آهي.
تقريب دوران اٽڪل 1 ارب 40 ڪروڙ رپين جي جديد ٽرو بيم لينڪ مشين جو پڻ افتتاح ڪيو ويو ۽ نئين ڪيموٿراپي بي جي قيام سان مريضن جي گنجائش 20 مان وڌائي 50 ڪئي وئي آهي.
ڊائريڪٽر انمول ڊاڪٽر اميره شامي ۽ ڊي جي ڊاڪٽر شازيه فاطمه چيو ته اها ڪاميابي اداري جي تحقيق ۽ طبي معيار ۾ بهتري جو مظهر آهي.


