منشيات فروش پنڪي کي پروٽوڪول ڏيندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار منشيات ڪيس ۾ گرفتار جوابدار انمول عرف پنڪي کي پروٽوڪول ڏيڻ واري معاملي جو سخت نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن خلاف فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي گارڊ اين مان منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار انمول عرف پنڪي کي هٿڪڙيون پروٽوڪول کانسواءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ جي گهرو وزير نوٽيس ورتو.

گهرو وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان کان فوري رپورٽ طلب ڪندي واقعي جي شفاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي سمورن ذميوارن کان جوابدارن کي پروٽوڪول ڏيڻ بابت وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

ضياءُ الحسن لنجار هدايت ڪئي ته جوابدارن کي پروٽوڪول فراهم ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، اهڙو عمل ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، غفلت ڪندڙن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪو به مجرم قانون کان مٿانهون ناهي، سڀني سان قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پوليس يونيفارم عوام جي اعتماد جي علامت آهي، اختيار جو غلط استعمال برداشت نه ڪيو ويندو.

ضياءُ الحسن لنجار جوابدارن کي پروٽوڪول ڏيڻ واري عمل کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته اهڙو عمل ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته جوابدارن کي عدالتن ۾ غير ضروري پروٽوڪول ڏيڻ انصاف جي تقاضائن جي خلاف آهي، سنڌ حڪومت قانون جي بالادستي تي ڪو سمجهوتو نه ڪندي ۽ شهرين جي اعتماد کي مجروح ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن.

ضياءُ الحسن لنجار چيو ته گهرو کاتو معاملي جي مڪمل نگراني ڪري رهيو آهي، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ سخت فيصلا ڪيا ويندا.

ان کان اڳ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي واقعي جي تفصيلي ابتدائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ واقعي ۾ غفلت ۽ لاپرواهي تي ذميوار لاڳاپيل جاچ آفيسر ۽ عملي کي فوري طور معطل ڪري گارڊن هيڊڪوارٽر سائوٿ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

آءِ جي سنڌ واقعي جي شفاف جاچ لاءِ سينيئر آفيسرن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي.

هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان انمول عرف پنڪي کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪرڻ واري معاملي جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڪراچي پوليس چيف لاڳاپيل آفيسرن جي ڪردار جو تعين ڪرڻ لاءِ انڪوائري جاري ڪندي چيو ته قانون ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي، ڪراچي پوليس جا سمورا آفيسر ۽ اهلڪار قاعدن ۽ ضابطن جا پابند آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي هٿ ڪڙين کانسواءِ پيش ٿيڻ تي جوابدارن خلاف ڪارروائي جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment