صدر ٽرمپ آبنائي هرمز ۾ ايراني حملي کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


واشنگٽن:

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته رستي ۾ ايراني حملن کي منهن ڏيڻ باوجود آمريڪي نيوي جي ٽن تباهه ڪندڙ جنگي جهازن آبنائے هرمز کي ڪاميابي سان عبور ڪيو آهي.

صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايراني فورسز آمريڪي جهازن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سمورن ميزائل ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بڻايو ويو ۽ آمريڪي جهاز مڪمل طور تي محفوظ رهيا.

هنن دعويٰ ڪئي ته ايران طرفان موڪليل ننڍيون حملي آور ٻيڙيون تباهه ٿي ويون جڏهن ته ڪيتريون ئي ٻيڙيون ٻڏي ويون.

ٽرمپ موجب آمريڪي دفاعي نظام فضا ۾ فائر ڪيل ميزائل کي تباهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊرون کي به هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڪيرايو ويو.

آمريڪي صدر ايران تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪو به عام ملڪ انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪوريڊور ۾ اهڙو عمل نه ڪندو، جڏهن ته هن چيو ته ايران جي قيادت انتها پسند سوچ رکندڙ عنصرن جي هٿ ۾ آهي.

ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران کي ايٽمي هٿيارن ٺاهڻ جو موقعو مليو ته هو انهن کي استعمال ڪرڻ کان نه ڊڄندو، تنهن ڪري آمريڪا تهران کي ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کي خبردار ڪندي چيو ته واشنگٽن اڄ ايران کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو آهي پر جيڪڏهن تهران معاهدي تي صحيحون نه ڪيون ته وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment