ڪراچي: پوليس مقابلي ۾ 2 ڌاڙيل مارجي ويا، 2 زخمين سميت 4 گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلن ۾ 2 ڌاڙيل مارجي ويا، 2 زخمين سميت 4 جوابدار گرفتار.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب ملير سٽي پوليس خميس ۽ جمعي جي وچ ۾ ملير سٽي ۾ بون شاهه مزار ڀرسان مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. جوابدار کي ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نارٿ ناظم آباد عبدالله ڪاليج وٽ خميس ۽ جمعي جي وچ ڌاري شريعت نورجهان پوليس مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جنهن جو لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو، مقتول جو ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مارجي ويل جوابدار وٽان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون، نقدي ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.

خميس ۽ جمعي جي وچ ڌاري ناظم آباد جهانگير آباد ندي جي ڪناري تي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو.

نيو ڪراچي سيڪٽر 11 ڊي شمس تبريز گرائونڊ وٽ خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات نيو ڪراچي پوليس مقابلي دوران 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. زخمين کي ايڌي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. گوليون، موبائل فون، نقدي ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.

پاڪستان رينجرز (سنڌ) ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي حسن نعمان ڪالوني سهراب گوڙ مان ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث جوابدار محمد زبير ولد سلام خان کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ ڪراچي جي سهراب گوڙ، انڊسٽريل ايريا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي.

گرفتار جوابدار ڏوهاري آهي ۽ سندس خلاف سهراب گوڙ ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي آهي. تازو ئي جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڦر جي وڏي واردات ڪئي هئي جيڪا سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿي. گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment