سنڌ ۾ مطلوب دهشتگردن جو تازو ريڊ بڪ جاري

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



سنڌ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) انتهائي گهربل دهشتگردن جي لسٽ تي ٻڌل ”ريڊ بڪ“ جو 10 هون ايڊيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب سي ٽي ڊي سنڌ پاران 203 صفحن تي ٻڌل ريڊ بڪ ۾ دهشتگردن جي حوالي سان اهم معلومات گڏ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اهي دهشتگرد به شامل آهن، جن جي سرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سي ٽي ڊي عملدارن موجب نئين ريڊ بوڪ ۾ مختلف پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ انتهائي گهربل دهشتگردن جا تفصيل شامل ڪيا ويا آهن. هن اهم دستاويز ۾ پابندي مڙهيل تنظيم داعش، پابندي مڙهيل القائده، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين پابندي مڙهيل بلوچ ويڙهاڪ تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻهن جو مڪمل رڪارڊ اپڊيٽ ڪيو ويو آهي. ريڊ بڪ ۾ گهربل جوابدارن جون تصويرون، ڊيٽا ۽ انهن جي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل حساس ۽ اهم معلومات شامل آهن. سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته ريڊ بڪ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪاررواين ۾ مدد لاءِ اهم دستاويز آهي. ان نئين دستاويز جو بنيادي مقصد مختلف سڪيورٽي ادارن وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ مطلوب دهشتگردن جي نقل و حمل تي ڀرپور نظر رکڻ آهي. سي ٽي ڊي موجب ريڊ بڪ جو هي تازو ايڊيشن صوبي ۾ جاري دهشتگردي خلاف آپريشن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment