پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته بي گهر ماڻهن کي مفت پلاٽ ڏيڻ کانپوءِ پنجاب حڪومت بيروزگارن لاءِ ”اپنا ڪيٽ پنهنجو روزگار“ اسڪيم شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو باضابطا آغاز ڪيو ويو آهي. عظميٰ بخاري موجب وڏي وزير مريم نواز جو هي فليگ شپ پروگرام پنجاب ۾ زرعي انقلاب آڻيندو ۽ هزارين ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪندا. هن چيو ته ان اسڪيم تحت پنجاب حڪومت زمين سميت 50 کان 25 لک رپيا گرانٽ پڻ فراهم ڪندي. هن چيو ته پنجاب ۾ 160 ارب رپين جي زمين بي زمين ڳوٺاڻن کي ڏني پئي وڃي، جيڪا رڳو پوکي لاءِ استعمال ٿيندي. عظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز دعوائون نه ڪندي پر عملي ڪم ڪندي آهي، هارين کي ڪسان ڪارڊ، گرين ٽريڪٽر، سپر سيڊر ۽ ٽيوب ويل سولرائيزيشن جون سهولتون ڏنيون ويون آهن، جنهن سبب پنجاب ۾ ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته مريم نواز هڪ هاري دوست ۽ زراعت دوست وڏي وزير آهي ۽ زراعت جو شعبو سندس اولين ترجيح آهي.
Source link

پنجاب ۾ اپنا ڪيٽ پنهنجو روزگار اسڪيم شروع، بي زمين ڳوٺاڻن کي زمين ۽ گرانٽ ڏيڻ جو اعلان
Leave a Comment Leave a Comment

