شهر قائد جي علائقي لانڍي جوگي موري وٽ ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو.
تفصيل موجب لانڍي جوگي موري ويجهو ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو.
ايس ايڇ او شاهه لطيف ممتاز مروت جو چوڻ هو ته فوتي موٽرسائيڪل تي سوار هئي ته گذرندڙ ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي، پر پوليس حادثي جي ذميوار ڊرائيور امجد کي گرفتار ڪري ڪوچ ۽ فوتي جي موٽرسائيڪل کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته فوتي عورت جي سڃاڻپ 25 ورهين جي حرا جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو جوگي موري جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، پر پوليس ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.
ٻئي طرف پهرين جنوري کان شهر ۾ ٿيل خوفناڪ ٽريفڪ حادثن ۾ چيپا فائونڊيشن جي ترجمان شاهد ڇاپا پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ 390 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ 293 مرد، 49 عورتون، 37 ٻار ۽ 11 ڇوڪريون شامل آهن، جڏهن ته ٽريفڪ حادثن دوران ڪل 4 هزار 304 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
زخمين ۾ 3 هزار 301 مرد، 742 عورتون، 195 ٻار ۽ 66 ڇوڪريون شامل آهن.
چپا فائونڊيشن جي ترجمان موجب شهر ۾ هيل ٽريفڪ سبب فوتگين جو سلسلو جاري آهي.
هيل تائين هيل تائين 128 ڄڻا ٽريفڪ حادثن ۾ حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جن ۾ 62 ڄڻا ٽرالر جي ٽڪر ۾، 34 ڄڻا واٽر ٽينڪر سان ٽڪر ۾، 13 مزدا ۽ بس جي ٽڪر ۾ ۽ 6 ڄڻا ڊبل ڪوليءَ ۾ فوت ٿي چڪا آهن.


