زيورخ/واشنگٽن: آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته آمريڪا ايران سان نوان ۽ بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي جيڪڏهن ايران پنهنجون موجوده پاليسيون تبديل ڪري، خطي ۾ غير مستحڪم ٿيندڙ سرگرمين کان پاسو ڪري ۽ پنهنجو ايٽمي پروگرام ختم ڪري.
سوئٽزرلينڊ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي موقعي تي ڳالهائيندي جي ڊي وينس چيو ته واشنگٽن سفارتڪاري ذريعي وچ اوڀر ۾ مثبت تبديلي آڻڻ چاهي ٿو ۽ اهڙو مستقبل ڏسي ٿو جتي خطي جا سمورا ملڪ امن، استحڪام ۽ خوشحالي سان اڳتي وڌي سگهن.
آمريڪي نائب صدر چيو ته تازي سفارتي اڳڀرائي کانپوءِ ٻنهي ملڪن کي اڳتي وڌڻ جو وقت اچي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران جو ايٽمي پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪ نئون مرحلو شروع ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ لاڳاپن جي بحالي ۽ گڏيل اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو.
جي ڊي وينس چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان لاڳاپن ۾ نئين شروعات جي هدايت ڪئي آهي ۽ ايراني عوام سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. هن ان موقعي کي خطي ۾ امن، ترقي ۽ بحرانن جي خاتمي لاءِ اهم پيش رفت قرار ڏنو.
آمريڪي نائب صدر جو چوڻ هو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهيون هڪ غير معمولي پيش رفت آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهڙي قسم جي سفارتي سرگرميون اڳ ۾ گهٽ ئي ڏسڻ ۾ آيون آهن.
هن پاڪستان جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جي ڊي وينس وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي واکاڻ ڪندي چيو ته سندن سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ ڪوششن سان ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملي.
وينس چيو ته جيڪڏهن ايران خطي ۾ استحڪام ۽ عالمي اعتماد جي بحالي لاءِ عملي قدم کڻي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون باب کلي سگهي ٿو.
سياسي مبصرن موجب بيان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڳالهين جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿو ته واشنگٽن مستقبل ۾ سفارتي رستي کي ترجيح ڏيڻ چاهي ٿو، جيتوڻيڪ حتمي پيش رفت ڳالهين جي نتيجي تي منحصر هوندي.


