ڪراچي:
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدالتون روڊن جي تعمير لاءِ نه پر بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ آهن.
شهر قائد ۾ روڊن ۽ گهٽين جي کوٽائي جو معاملو عدالت پهچي ويو، جتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس عدنان الڪريم ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته عدالت روڊن ۽ گهٽين جي کوٽائي ۽ تعمير لاءِ مصروف آهي. عدالتون بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ آهن.
ٻڌڻي دوران عثمان فاروق ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته گهٽيون ۽ روڊ بحال نه ڪرڻ سبب بنيادي انساني حق به متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته شاهه فيصل جي يونين ڪائونسل 3 کي مڪمل طور ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي.
جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ رمارڪس ڏنا ته شهر ۾ روڊن ۽ گهٽين جي بحاليءَ جو ڪم هلي رهيو آهي، جنهن تي وڪيل چيو ته ڪم نه ٿي رهيو آهي. مقامي ماڻهو پريشان آهن. عدالت ٽائون چيئرمين ۽ حڪومت کي فوري تعمير جو حڪم ڏئي سگهي ٿي.
جسٽس عدنان الڪريم چيو ته اڄ درخواست تي فيصلو ٻڌائينداسين.
واضح رهي ته اها درخواست شاهه فيصل ٽائون جي رهواسي محمد خالد داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ شاهه فيصل ٽائون چيئرمين گوهر خٽڪ، صوبائي حڪومت ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.


