اسلام آباد:
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن لاءِ اميدوارن جا انٽرويو اڄ کان شروع ٿي ويا آهن.
ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اميدوارن جا انٽرويو ورتا پيا وڃن، لاهور هاءِ ڪورٽ لاءِ انٽرويو 16 ۽ 17 جولاءِ تي ٿيندا، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ اميدوارن جا انٽرويو 14 ۽ 15 جولاءِ تي ورتا ويندا.
انٽرويوز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جڊيشل ڪميشن جي ڪميٽي روم ۾ ٿي رهيا آهن، انٽرويو ڪميٽي جي سربراهي جسٽس حسن اظهر رضوي ڪري رهيو آهي.
چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليه نيلم سينيئر چيف جسٽس هجڻ جي ڪري سمورن انٽرويوز ڪميٽين جي ميمبر آهي، ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي اميدوارن جي انٽرويوز لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو چيئرمين جسٽس عامر فاروق هوندو.
انٽرويو ڪميٽين ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ کي به ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سينيٽر فاروق حميد نائيڪ، سينيٽر سيد علي ظفر ۽ محمد احسن ڀون کي به ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي.


