ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود گڊز ٽرانسپورٽرن ڀاڙا گهٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم پاران ڊيزل جي اگهه ۾ گهٽتائي جي اعلان جو ڀليڪار ڪيون ٿا پر ڀاڙن ۾ گهٽتائي نه ڪري رهيا آهيون ۽ گڊز ٽرانسپورٽرن جا ڀاڙا ساڳيا رهندا.
ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته جنگي حالتن سبب ملڪ ۾ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو ڪاروبار نه هئڻ جي برابر آهي. ڪم نه ٿيڻ سبب اسان جي ٽرانسپورٽرن هزارين گاڏيون پارڪ ڪيون آهن. موجوده صورتحال ۾ وفاق پاران گڊز ٽرانسپورٽرن کي ڪو به رليف نه ڏنو ويو آهي، اسان ملڪ جي وڏي مفاد ۾ پنهنجون گاڏيون هلائي رهيا آهيون.
هن چيو ته ڊيزل جي اگهه ۾ 263 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، وزيراعظم گذريل هفتي 135 رپيا ۽ اڄ 32 رپيا 12 پئسا گهٽتائي ڪئي. ڀاڙن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ڊيزل جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي ويندي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان.
ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته اسان وفاقي حڪومت کان ود هولڊنگ ٽيڪس، ٽول ٽيڪس سميت ٽريفڪ ۽ هاءِ وي پوليس جي غير قانوني چالان ۾ رليف جو مطالبو ڪيو هو. حڪومت اسان کي ايتريون سهولتون ڏئي جيتري اسان ٽيڪس ۾ ڏيون ٿا.
هن چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هولڊنگ ٽيڪس سان گڏ ٽول ٽيڪس سميت هاءِ وي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس جي غير قانوني چالان ۾ رليف ڏنو وڃي. عوام جي روزاني استعمال جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ قيمتون برقرار آهن.


