ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب عالمي سطح تي توانائي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي پر پاڪستان ان شروعاتي اثرن کي موثر طريقي سان سنڀالي رهيو آهي. چين جي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت مهانگائي جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ، زراعت ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته عالمي دٻاءُ باوجود پاڪستان جي معيشت هن وقت مستحڪم آهي، ترسيل ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس به حاصل ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير موجب هلندڙ مالي سال دوران معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهڻ جو امڪان آهي. محمد اورنگزيب خبردار ڪيو ته عالمي ڇڪتاڻ گهڻي وقت تائين برقرار رهي ته مهانگائي، برآمدات ۽ مجموعي معاشي صورتحال متاثر ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آبهوا جي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قابل تجديد توانائي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جڏهن ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي ۾ صنعتي ۽ زرعي تعاون کي فروغ ڏئي رهيو آهي.
Source link

عالمي معاشي دٻاءُ باوجود پاڪستان مستحڪم آهي: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب
Leave a Comment Leave a Comment

