يورينيم اسان لاءِ اسان جي ڌرتي جيترو مقدس آهي، ان کي ڪٿي به منتقل نه ڪيو ويندو. ٽرمپ کي ايران جو جواب

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو افزوده يورينيم آمريڪا منتقل ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پنهنجي پوسٽ ۾ واضح لفظن ۾ چيو ته اهڙو ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ان تي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

اسماعيل بقائي چيو ته افزوده يورينيم اسان لاءِ ايران جي سرزمين جيترو مقدس آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ ڪٿي به منتقل نه ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر جا دعوا حقيقت جي ابتڙ آهن ۽ ايران کي پنهنجي ايٽمي اثاثن تي مڪمل خودمختياري حاصل آهي.

ياد رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ايران اسان سان گڏ پنهنجو افزوده يورينيم يعني ايٽمي مٽي آمريڪا کي منتقل ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

صدر ٽرمپ اها دعويٰ به ڪئي ته ٻئي ملڪ ان معاملي تي تعاون ڪندا ۽ اهو عمل جلد شروع ٿي سگهي ٿو.

بهرحال، ايراني عملدارن جلدي انهن بيانن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهڙو ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي.

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ مذاڪرات ڪندڙ محمد باقر غالب به آمريڪي صدر جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڳالهين دوران ڪنهن به موقعي تي آمريڪا کي يورينيم ڏيڻ جو ڪو معاهدو ناهي ٿيو ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن تجويز تي غور ڪيو ويو.

ايراني اهلڪارن به آبنائے هرمز جي کولڻ کي لبنان-اسرائيل جنگبندي جي حوالي سان هڪ محدود پيش رفت قرار ڏيندي چيو آهي ته اڃا تائين ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment