اسلام آباد:
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فيلڊ مارشل هڪ سال ۾ ٻن محاذن تي ڪاميابيون حاصل ڪيون. معاشي جنگ ۽ دهشتگردي خلاف جنگ به کٽينداسين.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير هڪ سال جي عرصي ۾ الله جي فضل ۽ ڪرم سان 2 جنگيون کٽيون آهن.
هن چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت خلاف هڪ فاتح فوجي اڳواڻ ۽ هڪ ڪامياب سفارتڪار طور اڀري آيو آهي جنهن صبر ۽ تحمل سان امن جي محاذ تي جدوجهد ڪئي ۽ ٻنهي محاذن تي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.
خواجا آصف چيو ته الله تعالٰي اهڙيون ڪاميابيون جاري رکي. هن فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۽ ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته هن مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.
بچاءَ واري وزير وزيراعظم شهباز شريف جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن ڀارت خلاف جنگ ۽ ايران آمريڪا مفاهمت جي ٻنهي مرحلن ۾ خلوص، ڏاهپ ۽ سمجهه سان ڪردار ادا ڪيو، جيڪو هڪ تاريخ ساز آهي.
خواجا آصف چيو ته هي ملڪي مفاد ۾ توازن ۽ اتحاد جو نتيجو آهي ته الله جو فضل جاري آهي. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته موجوده قيادت معاشي محاذ ۽ دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ ڪامياب ۽ سرگرم رهندي.


