اسلام آباد:
حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ غير ضروري پابنديون ۽ واپاري رڪاوٽون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب ايندڙ مالي سال 27-2026 جي وفاقي بجيٽ ۾ پراڻين واپاري رڪاوٽن کي بتدريج ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان نئين بجيٽ ۾ 60 کان 70 غير ضروري پابنديون ختم ڪيون وينديون، درآمدات ۽ برآمدات تي لڳل 2600 کان وڌيڪ رڪاوٽون آهستي آهستي گهٽ ڪيون وينديون.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب عالمي مالياتي فنڊ جي تجويز موجب ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيرف 10.7 مان 9.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. 2030 تائين سراسري ٽريف کي 7.4 سيڪڙو تائين گھٽائڻ جو ھدف آھي.
4 سالن ۾ گاڏين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي 40 سيڪڙو کان گهٽائي صفر ڪرڻ، ٽيڪسٽائيل، دواسازي، چمڙي، ڪيميڪل ۽ ٻين شعبن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو منصوبو آهي. اهڙي طرح بجيٽ 2026-27 ۾ ڪاروبار کي آسان بڻائڻ لاءِ قدم شامل ڪيا ويندا.
تجويز ڪيل قدمن تحت ٽيڪسن کان علاوه رڪاوٽون گھٽ ڪيون ويون آهن ۽ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم غور هيٺ آهن. نئين بجيٽ ۾ امپورٽ ڊيوٽي ۾ بتدريج گهٽتائي جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.
اختيارين موجب، ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ پاليسي آرڊر ۾ نومبر 2026 تائين وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مختلف شعبن تي وڌيڪ نان ٽيرف رڪاوٽون مرحليوار ختم ڪيون وينديون. ڊيوٽي ۾ گهٽتائي نيشنل ٽيرف پاليسي 2025-30 تحت ڪئي ويندي.
ناڻي واري وزارت موجب سراسري ٽيرف ۾ گهٽتائي سان درآمدي لاڳت گهٽائڻ ۾ مدد ملندي ۽ سڌارن سان برآمدات ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ جو امڪان آهي.
انهن قدمن جي حتمي منظوري ريگيوليٽري ريفارمز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏيندي.


