اسلام آباد:
ملڪ ۾ ڊجيٽل پيمينٽس ۽ بئنڪنگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف ڪيش لیس معيشت جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪيش لیس معيشت ۽ ڊجيٽل پيئٽمينٽ جي فروغ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گذريل هڪ سال دوران پاڪستان جي معيشت کي ڊجيٽل پيمينٽ تي ٻڌل ڪيش لیس سسٽم ۾ تبديل ڪرڻ بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
شهباز شريف ان حوالي سان اقتصادي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ملڪي معيشت کي ڪيش لیس سسٽم ڏانهن منتقل ڪرڻ سان پائيدار معاشي ترقي ۽ شفافيت کي هٿي ملندي.
وزيراعظم هڪ سال ۾ ڊجيٽل پيمينٽ لاءِ QR ڪوڊ استعمال ڪندڙ فعال واپارين جي تعداد ۾ 300 سيڪڙو اضافو ڪرڻ تي اقتصادي ٽيم کي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته واپارين کي QR ڪوڊ ذريعي ڊجيٽل ادائيگي ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.
هن چيو ته موبائل بئنڪنگ ايپ استعمال ڪندڙن جو انگ هڪ سال ۾ 95 ملين مان وڌائي 137 ملين تائين پهچڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي. بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کي ڪيش لیس معيشت جي فروغ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
اجلاس ۾ وزيراعظم پرڏيهه مان ايندڙن کي 100 سيڪڙو ڊجيٽل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ادائيگين کي ڊجيٽل سسٽم ۾ منتقل ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ته جيئن ان کي فائدو ڏيندڙن لاءِ شفاف، تيز ۽ آسان بڻائي سگهجي.
ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي ڪيش لیس معيشت لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته جون 2025ع کان جون 2026ع دوران ڊجيٽل ادائيگي قبول ڪندڙ واپارين جو انگ 300 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 2.3 ملين تائين پهچي ويو آهي.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نادرا جي 99 سيڪڙو ادائيگين کي ڊيجيٽائيز ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيش ادائگيون 71 سيڪڙو کان گهٽجي صرف هڪ سيڪڙو تي اچي ويون آهن.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هڪ ڪروڙ صارفين کي سموريون ادائيگيون ڊجيٽل والٽس ذريعي ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته هن وقت موبائل بينڪنگ ايپ استعمال ڪندڙن جو انگ 13.7 ملين آهي. جولاءِ 2025 ۽ جون 2026 جي وچ ۾ 11.9 بلين ڊجيٽل ٽرانزيڪشن رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته پرڏيهه مان وصول ٿيندڙ 92 سيڪڙو رقمون گذريل سال ڊجيٽل طور تي وصول ڪيون ويون.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪيش لیس معيشت بابت ٽئين پارٽي جي تصديق جو عمل جاري آهي. سفارشن سان گڏ حتمي رپورٽ نومبر 2026ع ۾ پيش ڪئي ويندي. بريفنگ موجب پاڪستان بئنڪنگ ايسوسي ايشن پنهنجي ميمبر بئنڪن کي ڊجيٽل ادائيگين کي هٿي وٺرائڻ جا هدف پڻ ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ RAAST سسٽم شامل آهي.
اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، شيزا فاطمه خواجا، علي پرويز ملڪ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، چيئرمين نادرا ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.


