رام مندر ڌانڌلي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ آر ايس ايس جي مجرمانه خاموشي کانپوءِ اتراڪنڊ مندر ۾ به ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڀارت کي نام نهاد هندو رياست بڻائڻ جي دعويٰ ڪندڙ مودي حڪومت جتي پنهنجي مذهب کي ڪرپشن تي قربان ڪري ڇڏيو آهي، اتي رام مندر ڪرپشن ڪيس کانپوءِ ڀارتي رياست اترا اڪنڊ جي مندر ۾ به مالي بي ضابطگيون سامهون آيون آهن.
ڀارتي ميگزين دي وائر موجب جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اتراڪنڊ مندر جا فنڊ وي آءِ پي مهمانن جي ميزباني لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته بي جي پي جي رياستي سيڪريٽري نيها جوشي جي نالي تي 60 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا. بي جي پي جي اعليٰ قيادت رام مندر چوري ڪيس جي ذميواري کان ڪيئن بچي سگهي ٿي؟
ٻئي طرف ڀارتي وزير پريانڪ کڙجي رام مندر ڪيس تي آر ايس ايس کان معافي جو مطالبو ڪيو آهي.
ان کان علاوه ڪميونسٽ پارٽي جي ضلعي سيڪريٽري سوريا ڪانت پانڊي جو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن آر ايس ايس اعتماد کي لٽڻ کان نه بچائي سگهي ته پوءِ انهن ماڻهن کي ٻيهر شامل ڪرڻ سواليه نشان آهي.
دي وائر موجب رام مندر ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي سامهون به ڪرپشن ٿي رهي آهي. رام مندر جي چندي جي چوري واري واقعي کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود، مودي اڃا تائين ڪو به عوامي بيان نه ڏنو آهي.
ڀارتي ميمبر صوبائي اسيمبلي ساگاريڪا گهوش مودي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته رام مندر ڪيس تي سخت تنقيد باوجود مودي جي وات مان هڪ لفظ به نه نڪرڻ تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.


