مرڪزي غزه پٽي ۾ اسرائيلي هوائي حملن شهيد مسجد ۽ بي گهر فلسطينين جا خيما تباهه ڪري ڇڏيا، سوين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسرائيلي هوائي حملي ۾ غزه شهر جي مرڪزي علائقي ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين جي هڪ مسجد ۽ رهائشي خيما تباهه ڪري ڇڏيا، جنهن سبب سوين ماڻهو ٻيهر بي گهر ٿي ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي جنگي جهازن غزه شهر جي مرڪزي علائقي ۾ ينگ مينز ڪرسچن ايسوسيئيشن (YMCA) جي ويجهو واقع المطقين مسجد کي نشانو بڻايو، جنهن سان مسجد مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. هوائي حملن ۾ اسرائيل جي وحشيانه عملن کان بي گهر ٿيل خاندانن جي رهائشي خيمن کي به تباهه ڪيو ويو ۽ ويجهي گهرن ۽ شهري ملڪيتن کي سخت نقصان پهچايو ويو، سوين فلسطيني بي گهر ٿي ويا ۽ علائقي ۾ وڏي تباهي جو سبب بڻيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تباهه ٿيل خيمن ۾ اهي خاندان آباد هئا جيڪي اسرائيلي حملن ۾ پنهنجن گهرن جي تباهي کانپوءِ بي گهر ٿي ويا هئا ۽ انتهائي ڏکين حالتن ۽ بنيادي ضرورتن جي محدود سهولتن سان زندگي گذاري رهيا هئا. رپورٽ موجب غزه ۾ YMCA هڪ سماجي ادارو آهي جيڪو مذهب جي فرق جي بغير نوجوانن، راندين، سماجي ۽ انسانيت جون خدمتون فراهم ڪري ٿو. ياد رهي ته اسرائيل طرفان 10 آڪٽوبر 2025 تي ٿيل جنگ بندي معاهدي جي باوجود غزه جي پٽي تي روزانو حملا جاري آهن. غزه جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري وزارت هن مهيني جي شروعات ۾ چيو ته جنگ کان اڳ 1,275 مسجدن مان 1,050 مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون ۽ 191 جزوي طور تي اسرائيلي حملن ۾ تباهه ٿي ويون. فلسطيني اختيارين موجب 8 آڪٽوبر 2023ع کان غزه تي اسرائيلي فوجي آپريشن جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين 73 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 174 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. تقريبن 90 سيڪڙو غزه جو سول انفراسٽرڪچر پڻ تباهه ٿي چڪو آهي.
Source link

غزه ۾ اسرائيلي بمباري، مسجد شهيد، خيما تباهه، سوين فلسطيني بي گهر
Leave a Comment Leave a Comment

