نيوزيلينڊ ۾ موتمار H5 برڊ فلو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ اختيارين نگراني تيز ڪري ڇڏي آهي.
مقامي ميڊيا موجب راڄڌاني ويلنگٽن جي پيٽن بيچ تي هڪ برائون اسڪوا نالي سامونڊي پکي ۾ ايڇ فائيو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
نيوزيلينڊ جي بايو سيڪيورٽي ۽ فوڊ سيفٽي واري وزير اينڊريو هوگارڊ چيو آهي ته اهو وائرس سامونڊي پکين ۾ مليو آهي ۽ هن وقت تائين جهنگلي پکين ۾ وڏي پئماني تي موت يا وائرس جي پکيڙ جو ڪو به ثبوت ناهي مليو. هن واضح ڪيو ته هن وقت تائين پولٽري فارمن ۾ وائرس جي موجودگي جو انڪشاف ناهي ٿيو.
اها پيش رفت گذريل مهيني آسٽريليا ۾ ايڇ 5 برڊ فلو جي تصديق کانپوءِ سامهون آئي آهي، جنهن کانپوءِ نيوزيلينڊ به خطرناڪ وائرس کان متاثر ٿيندڙ خطي ۾ تازو ملڪ بڻجي ويو آهي.
وزير اينڊريو هوگارڊ موجب H5 برڊ فلو کان عام ماڻهن لاءِ خطرو تمام گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته اهو وائرس تمام گهٽ انسانن کي متاثر ڪندو آهي ۽ بيمار پکين سان سڌو، ويجهو ۽ ڊگھي رابطي جي ضرورت هوندي آهي. هن عوام کي يقين ڏياريو ته انڊا ۽ مرغي جو گوشت کائڻ محفوظ آهي.
اختيارين شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي بيمار يا مئل پکين کي هٿ نه وجهن ۽ جيڪڏهن هڪ ئي هنڌ ٽي يا وڌيڪ متاثر پکي نظر اچن ته فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڪيو وڃي.
ٻئي طرف نيوزيلينڊ جي ماحولياتي تحفظ واري کاتي ملڪ جي ناياب نسلن جي 300 نسلن جي پکين جي ويڪسينيشن شروع ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ ڪاڪاپو ۽ تاڪاهي شامل آهن، احتياطي تدبيرن جي طور تي انهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ممڪنه وباء کان بچي سگهجي ٿو.
ماهرن موجب ايڇ فائيو برڊ فلو 2021ع کان سڄي دنيا ۾ جهنگلي پکين ۽ مامرن ۾ پکڙجي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لکين جانور مري ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي پولٽري ۽ ڊيري فارم پڻ متاثر ٿيا آهن ۽ ڪجهه فارم مزدورن ۾ به وائرس جي تصديق ٿي آهي.


