افغان سرزمين القاعده، داعش سميت عالمي دهشتگرد تنظيمن لاءِ محفوظ پناهه گاهه آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


عالمي برادري طالبان حڪومت پاران دهشتگردن جي حمايت ۽ افغان سرزمين تي عالمي دهشتگرد گروپن جي موجودگي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪا جي سالياني انسداد دهشتگردي جي رپورٽ ۾ افغانستان کي اڃا تائين دهشتگرد خطرن جو سڀ کان وڏو مرڪز قرار ڏنو ويو آهي.

آمريڪي ڪائونٽر ٽيررازم 2026 موجب افغانستان ۾ ايبي گيٽ حملي جو ماسٽر مائينڊ 43 ڏينهن اندر پڪڙيو ويو، حملي ۾ 13 فوجي اهلڪار مارجي ويا. پاڪستان ايبي گيٽ حملي جي ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو، جنهن تي صدر ٽرمپ پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو.

آمريڪا القائده، داعش خراسان سميت وڏن دهشتگرد گروپن جي خاتمي لاءِ آپريشن تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب داعش ۽ القائده جهڙن گروپن کي سنگين خطرو قرار ڏيندي آمريڪا به دارملڪ جي مدد وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

رپورٽ ۾ القاعده ۽ داعش وانگر ٻاهرين حملن جي صلاحيت رکندڙ دهشتگرد گروپن کي ختم ڪرڻ لاءِ جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment