پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي، جنهن ۾ وڌيڪ 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز فتنا خوارج خلاف علائقي ۾ موثر آپريشن ڪري رهي آهي، سڪيورٽي فورسز طرفان فضائي ۽ زميني آپريشن ذريعي پرڏيهين کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
سڪيورٽي فورسز جي موثر ڪاررواين جي نتيجي ۾ پرڏيهي دهشتگردن کي وڏي جاني نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سڪيورٽي فورسز جي موثر ڪاررواين دوران وڌيڪ 3 دهشتگردن جي مارجڻ جا تصديق ٿيل اطلاع آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 88 ٿي ويو آهي.
5 جولاءِ کان وٺي آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ 126 پرڏيهي دهشتگرد مارجي ويا آهن، آپريشن شعبان بلوچستان ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو.


