پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي سهولتن ۾ نمايان اضافو، عالمي رينڪنگ به بهتر ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان ITU ICT ڊولپمينٽ انڊيڪس 2026 ۾ نمايان سڌارو ڏٺو آهي، جتي ملڪ جو اسڪور 56.4 مان وڌي 67.7 ٿي ويو آهي، مجموعي طور تي 20 سيڪڙو بهتري رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب رابطا شعبي ۾ پاڪستان ۾ 22.8 پوائنٽس جي بهتري آئي آهي، جنهن کانپوءِ ميننگ فل ڪنيڪٽيويٽي اسڪور 79 تي پهچي ويو آهي، ان سان گڏ پاڪستان جي رينڪنگ ۾ به لڳ ڀڳ 27 درجن جي بهتري آئي آهي.

آئي ٽي يو انڊيڪس ۾ ان ترقي کي ڊجيٽل پاڪستان جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي. آءِ ٽي جي وفاقي وزير شازا فاطمه خواجا ان ڪاميابي کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي ترجيح ڏني پئي وڃي.

هن چيو ته بهتر رابطي سان نوجوانن، شاگردن، فري لانسرز ۽ انٽرپرينئرز لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ سستي، قابل اعتماد ۽ معياري ڊجيٽل خدمتن جي فراهمي لاءِ قدم کڻندي رهندي.

وفاقي وزير موجب آئي ٽي يو انڊيڪس ۾ بهتري سيڙپڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين لاءِ به مثبت پيغام آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment