اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ سارڪ گيمز سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ 2027ع جي سارڪ گيمز جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ سارڪ گيمز سيڪريٽريٽ فوري طور تي قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس کي اپ گريڊ ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو ويندو. ان کان علاوه مالياتي معاملن، انفراسٽرڪچر ۽ راندين جي جڳهن جي نگراني لاءِ اهم ذيلي ڪميٽيون پڻ ٺاهيون وينديون. اجلاس ۾ حڪومت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته 2027ع جي سارڪ گيمز عالمي معيارن موجب منعقد ٿينديون. https://img.express.pk/media/videos/WhatsAppVideo2026-07-02at8-53-09PM.mp4 رانديگرن جي تياري، تربيت ۽ بهترين ڪارڪردگي لاءِ قومي اسپورٽس فيڊريشنز کي هر ممڪن سهڪار ۽ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ پرعزم آهي ۽ اهڙا عالمي مقابلا دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت ۽ نرم اميج اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، سيڪريٽري بين الصوبائي رابطا، صوبائي کاتن جي اعليٰ عملدارن، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment