پي سي بي جي وڏي ڪاميابي، نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ ٽرمين 3 بالنگ مشين نصب

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) رانديگرن جي تربيت ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ لاءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ جديد ترين ٽرومين 3 بالنگ مشين لڳائي ڇڏي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب، هن نئين ٽيڪنالاجي جو مقصد بيٽسمينن کي حقيقي ميچن جي حالتن ۾ مشق ڪرڻ جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي فني صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهن.

هن مشين جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جي فرنٽ اسڪرين بالر جي اعليٰ ڪنٽراسٽ LED اينيميشن ڏيکاري ٿي، جيڪا بيٽسمين کي بالر جي ايڪشن، رليز پوائنٽ ۽ وقت جي صحيح اڳڪٿي ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

ان کان علاوه، بال جي رفتار، لڪير، ڊگھائي، سوئنگ ۽ اونچائي کي ضرورت مطابق تبديل ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته ڪوچ مختلف بالن، اوور ۽ اسپيل کي محفوظ ڪري سگھن ٿا ته جيئن بعد ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ميچ جهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن.

https://x.com/TheRealPCBMedia/status/2073977472123904378?s=20

ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽ بورڊ بڻجي ويو آهي جنهن هن جديد مشين کي استعمال ڪيو آهي.

هن چيو ته سسٽم بيٽسمين کي روايتي بالنگ مشينن جي ڀيٽ ۾ بالر جي وڊيو سان وڌيڪ حقيقي مشق ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا به ان ٽيڪنالاجي کي جديد ڪرڪيٽ جي ضرورتن مطابق هڪ اهم ترقي قرار ڏيندي چيو ته ان سان رانديگرن جي ٽائيمنگ ۽ بيٽنگ ۾ نمايان بهتري ايندي.

https://youtu.be/_Ya_fQPIMQw?si=6mNPmW8VtHhxZt7u





Source link

Share This Article
Leave a Comment